ڊاڪٽرلکميچند پريم

ڊاڪٽرلکميچند پريم

لکميچند پريم ڊاڪٽر

لکميچند ’ پريم‘ ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڊاڪٽر لکميچند خوشيرام ڏوڏيجا پريم‘ 15 مارچ 1928ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن اِبتدائي تعليم ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ هو سنڌ ڇڏي بڙودي ۾ اچي طِب جي پيشي سان وابسته ٿيو. هن پنھنجي پھرين ڪوتا 1940ع ۾ لکي. هن سنڌي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترو ئي شعر چيو. سندس پھريون شعري مجموعو 1945ع ڌاري سنڌ ۾ ڇپيو. سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾: ’ پريم پشپانجلي‘ (1953ع)، ’شمع ٻاريندي شب‘ (1960ع)، ’خمار‘ (1963ع)، ’اکڙين جي آلاڻ‘ (1972ع) ۽ ’گيتا گيت‘ (1984ع) شامل آهن. سندس ڪيترائي نظم گجرات، مھاراشٽر، مڌياپرديش ۽ راجسٿان جي نصابي ڪتابن ۾ شامل آهن. کيس گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي طرفان پھرين سنڌي ليکڪ جو ايوارڊ پڻ مليو. هو K.K Birla, A.I.R فائونڊيشن، ’نذرانو‘ ميگزين ۽ ٻين ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ ’ڀارت رتن‘ هانگ ڪانگ جو اعزازي رپورٽر پڻ رهيو. بڙودا مان نڪرندڙ ’سڀيتا‘ رسالي جي ايڊٽنگ سميت ”تصوير“ رسالي ۾ شاعريءَ واري شعبي جو انچارج رهيو. 1993ع ۾ کيس رام بخشاڻي فائونڊيشن پاران بھترين شاعر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن 22 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.03.15  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڊاڪٽر لکميچند خوشيرام ڏوڏيجا ’پريم‘ 15 مارچ 1928ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1993.12.22  عيسوي

ڊاڪٽر لکميچند 22 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابولهب
بهلول
پير آف راڻيپور
چانهيو محمد هاشم
بخش علي خاصخيلي
سريندر ناٿ
شوڪت سنڌي
سراج
پليجو سسئي
سوڀو ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون